ٿرائي ميون محمد مبين

ٿرائي، ميون محمد مبين: ميون محمد مبين ٿرائي، شاهه لطيف جو همعصر هو. هي پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ فاضل هو ۽ سنڌ جي عالم ۽ مبلغ محمد هاشم ٺٽويءَ جو همعصر ۽ دوست هو. سانگهڙ ضلعي ۾ چوٽيارين واري درسگاهه، سندس ئي قائم ڪيل هئي.
شاهه لطيف اڪثر سانوڻيءَ جي مند ۾ وٽس ايندو هو. هڪ ڀيري ماني کائي ڳالهين ۾ گهڻيءَ دير تائين ويٺا رهيا. جڏهن شاهه صاحب موڪلائڻ لاءِ اٿيو ته ميين مبين ٿرائيءَ کيس چيو ته: ”جهڙڦڙ آهي، ترسي پئو!“ شاهه صاحب جواب ۾ سر رامڪليءَ جي بيت جي هيءَ مصرع چئي: ”ردا جا رضا جي، سا اوڇڻ آديسين!“ ان بعد شاهه صاحب موڪلائي روانو ڪيو. (حوالو: ’شاهه جو رسالو‘، جلد پهريون، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)


هن صفحي کي شيئر ڪريو